اُچارُ

ترميميو

ٿورو کي ”ٿوڙو‟ ڪري اُچارڻ غير درست ۽ هڪ بگاڙ آهي، جنهن جو سبب مڪڙي ٻوليءَ جو شهري سنڌي آباديءَ تي پيل ناڪاري اثر آهي.

  بُڻڀياسُ

ترميميو

مونث ٿورِي جمع ('ٿورا، ٿوريون)

  1. مقدارَ ۾ گھٽ (واحد)، تعداد ۾ گھٽ (جمع)، ناڪافي، معمولي، ذرڙو
    مون کي ٿورو پاڻي ته پيئار!
    مون کي هلڪي بُکَ لڳِي ته مون ٿورا بسڪُوٽَ کاڌا.


جھجھو، گھڻو


ٿورڙو، ٿورڙا، ٿورڙيون


لاڳاپيل لفظ ۽ اصطلاح

ترميميو


اسم (مذڪر)

ترميميو

ٿورو جمع: ٿورا

  1. احسانُ، مھرباني
    برابر تنهنجو مون تي ٿورو ٿيو.
    آئون تنهنجا ٿورا ڪيئن ٿو لاهي سگھان؟


لاڳاپيل لفظ ۽ اصطلاح

ترميميو



  پڻ ڏسندا

ترميميو