ڏﺍﻫﺮﻱ ‏( ﺫﺍﺕ ‏) : ڏﺍﻫﺮﻱ ، ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﻫڪ ﻗﺪﻳﻢ ﺫﺍﺕ ﺁﻫﻲ، ﺟﻴڪﻲ ﻧﻮﺍﺑﺸﺎﻫ، ﻧﻮﺷﻬﺮﻱ ﻓﻴﺮﻭﺯ، ﺳﺎﻧﮕﮭڙ ﺳﻤﻴﺖ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺍڪﺜﺮ ﻫﻨﮅﻥ ﺗﻲ ﺁﺑﺎﺩ ﺁﻫﻦ . ﻫڪڙﻭ ﻋﺎﻡ ﺧﻴﺎﻝ ﺍﻫﻮ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ڏﺍﻫﺮﻱ ، ﺭﺍﺟﺎ ڏﺍﻫﺮ ﺟﻲ ﺍﻭﻻﺩ ﻣﺎﻥ ﺁﻫﻦ . ’ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺫﺍﺗﻴﻦ ﺟﻲ ﺍﻧﺴﺎﺋﻴڪﻠﻮﭘﻴڊﻳﺎ ‘ ﺟﻲ ﻣﺼﻨﻒ ﮐﻴﻦ ﺭﺍﺟﺎ ڏﺍﻫﺮ ﺟﻮ ﭘﻮﻧﻴﺮ ڪﺮﻱ ﭴﺎﮢﺎﻳﻮ ﺁﻫﻲ . ڏﺍﻫﺮﻳﻦ، ﺍﺳﻼﻡ ﺟﻲ ﺁﻣﺪ ﮐﺎﻥ ﭘﻮﺀِ ﺍﺳﻼﻡ ﻗﺒﻮﻝ ڪﻴﻮ . ﻫﻮ ﺟﻨﮕﺠﻮ ۽ ﻭﻳڙﻫﺎڪ ﺭﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ . ﺗﺎﺭﻳﺨﺪﺍﻧﻦ ﺳﻨﺪﻥ ﻭﺍﺳﻄﻮ ﺳﻤﻴﺠﺎ ﻗﺒﻴﻠﻲ ﺳﺎﻥ ﭴﺎﮢﺎﻳﻮ ﻭﭸﻲ ﭤﻮ . ﺭﺍﻫﻮ، ﺳﺎﻧﺪ، ﺳﺎﺭﻳﺎ ۽ ڪﻴﺮﻳﺎ ﺫﺍﺕ ﻭﺍﺭﺍ ﺑﻪ ڏﺍﻫﺮﻳﻦ ﻭﺍﻧﮕﺮ ﺳﻤﻴﺠﺎ ﻗﺒﻴﻠﻲ ﺟﻲ ﺍﻫﻢ ﺫﺍﺗﻴﻦ ۾ ﺷﻤﺎﺭ ڪﻴﺎ ﻭﭸﻦ ﭤﺎ . ﻣﺤﻘﻘﻦ ﺟﻮ ﺧﻴﺎﻝ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻲ ﺍﺻﻞ ۾ ﻫﻮﭤﻲ ﺑﻦ ﺍﻧڙ ﺟﻮ ﺍﻭﻻﺩ ﺁﻫﻦ . ﺳﺎﻧﺪ ﭘٽ ﭘﻠﻲﺀَ ﮐﻲ ’ ﻫﺎﻟﻲ ‘ ﻧﺎﻟﻲ ﻫڪ ﭘٽ ﻫﻮ، ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﺳﺖ ﭘٽ ﻫﺌﺎ، ﺟﻦ ﻣﺎﻥ ﻫڪ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ’ ﻫﻮﭤﻲ ‘ ﻫﻮ، ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺍﻭﻻﺩ ﮐﻲ ﺋﻲ ’ ڏﺍﻫﺮﻱ ‘ ﺳڏﻳﻮ ﻭﻳﻮ . ڏﺍﻫﺮﻱ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﻫڪ ﺍﻫﻢ ﺫﺍﺕ ﺁﻫﻦ . ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ﻫﻲ ﺑﻬﺎﺩﺭﻗﺒﻴﻠﻮ ﺭﻫﻴﺎ ﺁﻫﻦ، ﺍﻥ ڪﺮﻱ ﺳﻨﺪﻥ ﺑﻬﺎﺩﺭﻱﺀَ ۽ ﺣﺐ ﺍﻟﻮﻃﻨﻲﺀَ ﺳﺒﺐ ﮄﺍﺭﻳﻦ ﺣڪﻤﺮﺍﻧﻦ ﺟﻲ ﺩﺭﭔﺎﺭﻳﻦ ﻣﭥﻦ ﺍﭔﻮﺟﻬﺎﺋﻲ ۽ ﺑﻴﻮﻗﻮﻓﺎﺋﻲﺀَ ﺟﻬڙﺍ ﭘﻬﺎڪﺎ ﺟﻮڙﻳﺎ، ﺟﻦ ﺟﻲ ڪﺎ ﺑﻪ ﺍﺻﻠﻴﺖ ﻧﻪ ﺁﻫﻲ . ﻫﻮﻧﺌﻦ ﺑﻪ ﮄﺍﺭﻳﺎ ﺣڪﻤﺮﺍﻥ ﻫﻤﻴﺸﻪ ﻣﺤﺐ ﻭﻃﻨﻦ ﮐﻲ ﮔﻬٽ ۽ ﺟﺎﻫﻞ ﭴﺎﮢﻨﺪﺍ ﺁﻫﻦ . ڏﺍﻫﺮﻱ ﺫﺍﺕ ﻣﺎﻥ ڪﻴﺘﺮﺍﺋﻲ ﻋﺎﻟﻢ ﻓﺎﺿﻞ ۽ ﺍڪﺎﺑﺮ ﭘﻴﺪﺍ ﭤﻴﺎ ﺁﻫﻦ، ﺟﻦ ۾ ﻋﻼﻣﻪ ﺍﺑﻮ ﺍﻟﺤﺴﻦ ڏﺍﻫﺮﻱ ، ﻣﻮﻻﻧﺎ ﻣﺤﻤﺪ ﺍﺩﺭﻳﺲ ڏﺍﻫﺮﻱ ۽ ﭔﻴﺎ ﻧﺎﻟﻴﻮﺍﺭﺍ ﻋﺎﻟﻢ ﭤﻲ ﮔﺬﺭﻳﺎ ﺁﻫﻦ . ﻣﺸﻬﻮﺭ ﺗﻌﻠﻴﻤﺪﺍﻥ ۽ ﺳﭽﻞ ڪﺎﻟﻴﺞ ﻧﻮﺍﺑﺸﺎﻫﻪ ﺟﻮ ﭘﺮﻧﺴﭙﺎﻝ ﻋﺒﺪﺍﻟﻘﺎﺩﺭ ڏﺍﻫﺮﻱ ۽ ﻧﻮﺟﻮﺍﻥ ﺍﺩﻳﺐ ۽ ﻣﺤﻘﻖ ﻣﺤﻤﺪ ﺑﺨﺶ ڏﺍﻫﺮﻱ ﺑﻪ ﻫﻦ ﺫﺍﺕ ﺳﺎﻥ ﻭﺍﺳﻄﻮ ﺭﮐﻦ ﭤﺎ